ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ ڪميٽيون

مقبول ملاح

پاڪستان ۾ جڏهن به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو آهي ته ان کي ڪميٽي جي حوالي ڪري سردخانن ۾ دفن ڪيو ويندو آهي، ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. حيدرآباد ۾ گذريل مهيني ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پيرسن عورت مسمات مريم پنهور جو آپريشن ڪيو ويو، آپريشن کان پوءِ عورت جي پيٽ ۾ جڏهن تڪليف گهٽجڻ بدران وڌي ته هو ٻيهر ڊاڪٽر ڏانهن وئي، ڊاڪٽرن جڏهن سندس ايڪسري ڪرايو ته حيريت ۾ وجهندڙ ڳالهه ته آپريشن دوران ان پيرسن عورت جي پيٽ ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ڪري ڪينچي رهجي وئي هئي.

ڊاڪٽرن جي اهڙي لاپرواهي کي ڏسندي انتظاميه ڪوشش ڪئي ته ان معاملي کي ميڊيا کان پري رکيو وڃي ۽  پيرسن عورت کي ٻيهر آپريشن لاءِ داخل ڪيو ويو، پر هي ميڊيا جو دور آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪا خبر يا ڪو معاملو ميڊيا کان رهجي وڃي، خبر جڏهن سوشل ميڊيا تائين ته پهتي ته پرنٽ ميڊيا به ان کي رپورٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ انتظاميه هنگامي بنيادن تي ان عورت کي سول اسپتال حيدرآباد ٻئي آپريشن لاءِ آندو، جتي رهجي ويل قينچي ڪڍڻ لاءِ عورت جو آپريشن ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي، آپريشن ٿيٽر ۾ سندس حالت خراب ٿي وئي، جنهن ڪري ان کي اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ پهچايو ويو، پر عورت بچي نه سگهي ۽ هو فوت ٿي وئي.

عورت جي وفات جو جڏهن معاملو ميڊيا تائين پهتو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر فوري معاملي بابت هڪ ڪميٽي جوڙي، جنهن جو چيئرمين پروفيسر سهيل عالماڻي، جڏهن ته ميمبرن ۾ پروفيسر شفيق الرحمان، پروفيسر افضل جوڻيجو ۽   قاضي غلام مصطفيٰ کر شامل هئا، پر وارثن مطابق ڪميٽي جو ڪوبه ميمبر ساڻن ملڻ نه آيو، جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته اها ڪميٽي يقينن ان ڊاڪٽرن سان ملي ان جو موقف وٺڻ کانپوءِ پنهنجي رپورٽ ڊاڪٽر جي خواهش مطابق ڏيندي، يا وري اهو معاملو سرد خاني حوالي ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ڊاڪٽر عورت جي موت جو سبب ڪينچي رهڻ ڪري نه پر موت جو سبب ڪينسر جي آخري اسٽيج تي هجڻ ٻڌايو ۽ جڏهن انڪوائري صرف اسپتال جي انتظاميه ۽ اسٽاف توڙي ڊاڪٽرن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڪبي ته يقينن ان جو نتيجو به توهان اسان سڀ اڳ ئي ڄاڻون ٿا.

جيتوڻيڪ اها انڪوائري اڃان مڪمل نه ٿي هئي ۽ نه ئي هن پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي هئي ته صحت واري سيڪريٽري، حيدرآباد  جي صحت واري ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر مسعود سولنگي کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ ڊي جي صحت کانسواءِ پروفيسر سرجن ڊاڪٽر شهزاد وڳڻ ۽ ڊاڪٽر عمرين منان تي مشمل ڪميٽي جوڙي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ٽيم جڏهن جاچ لاءِ ڊاڪٽر کان پڇا ڳاڇا لاءِ وئي ته ڊاڪٽر ٽيم سان ملڻ به گوارا نه سمجهو ۽ ٽيم انتظار ڪرڻ کانپوءِ واپس موٽي ۽ ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر مسعود احمد سولنگي صحت کاتي جي سيڪريٽري کي هڪ ليٽر لکي الزام هيٺ آيل پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر اقبال جي غير حاضر رهڻ ۽ تعاون نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي. صحت کاتي جي سيڪريٽري کي لکيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ ٽيم صبح 11 وڳي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس پهتي، جاچ جي سلسلي ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ ۽ لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر کي هڪ ليٽر ذريعي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو ۽ اها گذارش ڪئي وئي هئي ته لاڳاپيل سرجن، ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو، عورت جي آپريشن ۽ علاج سان لاڳاپيل سمورو رڪارڊ موجود هجڻ گهرجي، پر جڏهن جاچ ٽيم پهتي ته الزام هيٺ آيل پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر اقبال غير حاضر هو، جڏهن ته عورت جي علاج سان لاڳاپيل سمورو رڪارڊ پڻ کين نه ملي سگهيو، جيڪو لاڳاپيل پروفيسر وٽ ئي هوندو آهي. جيڪو ليٽر صحت واري سيڪريٽري کي موڪليو ويو پر سيڪريٽري طرفان ٻيهر ڪوبه ڪميٽي آرڊر نه مليو ته وڌيڪ هو ڇا ڪري پر وائيس چانسلر طرفان جوڙيل ڪميٽي پنهنجي جاچ ڪري رهي آهي  ۽ انڪوائري هلندڙ آهي.

حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته  جيڪا ڪميٽي لمس انتظاميه طرفان جوڙي وئي آهي ان تي اڳ ئي وارثن جو ڌر هجڻ جو الزام آهي، پر اها ڪميٽي ته پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر سميت مختلف عملو ساڻن ته ملاقات ڪرڻ سميت رڪارڊ به پيش ڪري رهيو آهي، پر صحت واري سيڪريٽري طرفان جڙيل ڪميٽي سان ڊاڪٽر ته ملڻ لاءِ به تيار نه آهي.

ڏسڻو اهو آهي ته هڪ ئي واقعي جون ٻه ڪميٽيون جڙڻ ۽ جنهن ڪميٽي تي ڌر هجڻ جو الزام آهي، الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر انهن سان ملي رهيو آهي پر اها ڪميٽي جيڪا صحت واري سيڪريٽري طرفان جوڙي وئي ان سان ڇو نه ٿو مليو وڃي، پر جيڪڏهن ٻنهي ڪميٽين ڪم ڪيو به ۽ پنهنجون پنهنجون رپورٽون ڏنيون به ته ڪهڙي رپورٽ تي عمل ڪيو ويندو. جيڪڏهن هڪ رپورٽ مخالفت ۾ ۽ ٻي حمايت ۾ اچي ٿي ته به معاملو حل نه ٿي سگهندو، تنهن ڪري صحت واري سيڪريٽري کي گهرجي ته سڀ کان پهريان وائيس چانسلر طرفان جوڙيل ڪميٽي کي ختم ڪري ڊاڪٽر کي اها هدايت جاري ڪئي وڃي ته هو صرف ڊي جي صحت جي نگراني ۾ جوڙيل ڪميٽي اڳيان پيش ٿئي ۽ جيڪو به فيصلو اها ڪميٽي ڪندي ان تي عمل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن جو اڳ ئي ڪميٽين تي اعتبار نه رهيو آهي. بحرحال اسان چانهيون ٿا ته پيرسن عورت جي وارثن سان انصاف ٿئي ۽ ان ڪميٽي جو فيصلو يقينن مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان سنڌ واسين کي بچائي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.