ايران سان جنگ نٿا چاهيون: صدر ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ايران سان جنگ نٿا چاهيون

. سعودي عرب جي تيل ٺڪاڻن تي حملي کي نظر ۾ رکندي وائيٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هو يقيني طور تي اهڙي ڪنهن به تڪرار کان پاسو ڪرڻ چاهيندو.

هن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته اهو ڪم ايران ڪيو هو پر جاچ اڃا جاري آهي ته ان حملي پٺيان ڪير آهي، يمن ۾ سرگرم حوثي باغين ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي پر سعودي پرڏيهي وزارت چئي رهي ته ان حملي ۾ ايراني هٿيار استعمال ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.