شعيب ملڪ ۽ ٻين کي عدالتي نوٽيس جاري…!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ورلڊ ڪپ 2019 دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ کان اڳ شعيب ملڪ طرفان گهر ڀاتين سان گڏ شيشا ڪيفي وڃڻ خلاف داخل درخواست تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ رانديگرن کي نوٽيس جاري ڪندي 8 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ڀارت خلاف ميچ کان اڳ رات جي وقت شعيب ملڪ ۽ ٻيا ڪرڪيٽر شيشا بار ۾ انجواءِ ڪندا رهيا ۽ ايندڙ ڏينهن تي پاڪستان اهم ميچ هارائي ويو.

درخواست موجب ميچ هارائڻ سان ملڪ جي ساک متاثر ٿي، سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا تي قومي ٽيم تي ٺٺول ڪئي وئي ۽ ڪرڪيٽرن جي عدم دلچپسي سبب پاڪستاني عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ نه پهچدي، تنهن ڪري ڌرين کان جواب طلب ڪيو وڃي.

درخواست ۾ شعيب ملڪ، سندس زال ثانيا مرزا، امام الحق ۽ وياب رياض سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.