ڀارتي سپريم ڪورٽ جو والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جو حڪم

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ نريندر مودي جي حڪومت کي والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن اناڪشي گنگولي طرفان والاريل ڪشمير ۾ پابندين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

اناڪشي گنگولي درخواست ۾ چيو ته مودي حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کانپوءِ پابنديون لاڳو ڪيون آهن ۽ اتي مڪمل لاڪ ڊائون آهي، ان جي نتيجي ۾ ڪشميري ٻار ۽ ننڍي عمر جا ڇوڪرا سخت ڏکيائين ۽ پريشانين جو شڪار آهن.

ڀارتي چيف جسٽس رنجن گوگوئي چيو ته اهو معاملو ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ بابت آهي ۽ اها ئي ان تي ڪو فيصلو ڪندي، جنهن تي اناڪشي گنگولي چيو ته پابندين سبب ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ پهچڻ ته ناممڪن آهي.

رنجن گوگوئي ريمارڪس ڏنا ته ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ پهچڻ ڇو ڏکيو آهي؟ ڇا ڪير رستو روڪي رهيو آهي؟ اسان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان صورتحال معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ماڻهو هاءِ ڪورٽ نٿا پهچي سگهن ته اهو وڏو سنگين معاملو آهي، ضرورت پوڻ تي مان پاڻ سرينگر ويندس.

سپريم ڪورٽ حڪومت کي حڪم ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال فوري طور معمول تي آندي وڃي، فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند هجڻ سبب ماڻهن کي پريشاني آهي، ڪشميرين کي طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، تعليمي ادارن کي کوليو وڃي ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي هر قدم کنيو وڃي، جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ رياست ۾ جاري لاڪ ڊائون ۽ پابندين جي معاملي تي فيصلو ڏئي سگهي ٿي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪانگريس اڳواڻ غلام نبي کي پڻ وادي جو دورو ڪرڻ ۽ اتي ڪشميرين سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت قرار ڏنو ته غلام نبي والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن سان ملاقاتون ڪري سگهي ٿو پر کيس جلسي جلوس جي اجازت نه هوندي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي معاملي تي ڪيس جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.