ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قائد اعظم ٽرافي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي بلوچستان خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ اوپننگ بيٽسمين عابد علي چيو آهي ته بهترين انفرادي اسڪور ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، نئين نظام ۾ سٺي ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي.
بلوچستان خلاف پهرين اننگز ۾ 249 ٺاهي ناٽ آئوٽ رهندڙ اوپنر عابد علي جو چوڻ هو ته مان ٽيم پلان تي عمل ڪيو ۽ ان ۾ ڪامياب رهيس، ڪارڪردگي سٺي رهي، پي سي بي تحت نئين نظام ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سٺي ٿي رهي آهي ۽ پروفيشنل رانديگر ميدان ۾ آهن.
هن چيو ته منهنجو ڪم پرفارمنس ڏيڻ آهي، هاڻ سٺي شروعات ملي آهي، ڪوشش ڪندس ته اهڙي ڪارڪردگي برقرار رکان، ڪنڊيشن جهڙي به هجي اسان کي سٺو کيڏڻو آهي.
عابد علي چيو منهنجي خواهش آهي ته هر فارميٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي نمائندگي ڪيان، راند سان گڏ فٽنيس تي به ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهيان، سيزن جي نئين شروعات ۽ نئون سسٽم ٺهيو آهي، اميد ته سٺي ڪرڪيٽ ٿيندي.