حڪومت جي معاشي بحران مان نڪري مستحڪم دور ۾ داخل ٿيڻ جي دعويٰ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال بحران مان نڪري مستحڪم دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالحفيظ شيخ ٻڌايو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪيا ويا ۽ دفاعي بجيٽ کي گذريل سطح تي برقرار رکيو ويو، جنهن وقت موجوده حڪومت وجود ۾ آئي ته معاشي حالتون پريشان ڪندڙ هيون، جنهن کي نظر ۾ رکندي فوري طور معاشي سڌارن ذريعي صورتحال بهتر ڪئي وئي.

هن چيو ته ٽيڪس وصولي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ واڌ ٿي ۽ فائلرز جو انگ وڌيو، امپورٽ ۾ گهٽتائي ڪري ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪئي وئي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي گهٽتائي آندي وئي.

سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ 580 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته 23 آگسٽ کان ٽيڪس ريفنڊ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.

عبدالحفيظ شيخ اعلان ڪيو ته نجڪارين جو عمل تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ مسئلن جو شڪار بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي به نجڪاري ڪئي ويندي، حڪومت خرچن تي ڪنٽرول لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان اوڌر نه ورتي.

هن چيو ته ملڪ ۾ امير طبقو ٽيڪس جي ادائيگي کان پاسو ڪندو آهي، گذريل سال تائين ٽيڪس فائلرز جو انگ 19 لک هو، اسان اضافي 6 لک ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو آهي، 2015 کان وٺي هيل تائين 22 ارب رپين تي ٻڌل سيلز ٽيڪس ريفنڊز جا آر پي او جوڙيا ويا ۽ هاڻ حڪومت مٿان ڪنهن سيلز ٽيڪس جو آر پي او ناهي، حڪومت پنهنجو هڪ واعدو پورو ڪيو.

ناڻي بابت صلاحڪار ٻڌايو ته هاڻ ايڪسپورٽرز کي هر مهيني جي 16هين تاريخ تي ريفنڊ ملي ويندو، ايڪسپورٽر چاهين ٿا ته انهن جو ريفنڊ تڪڙي ڏنو وڃي، ان مقصد لاءِ 13 آگسٽ کان نئون نظام شروع ڪيو، جنهن تحت تڪڙي ۽ مڪمل ريفنڊ ٿي ويندو، ڄاڻايل نظام تحت جيئن ئي ايڪسپورٽر پنهنجي ڊيٽا وجهندو، هر مهيني جي 16هين تاريخ تي ريفنڊ بڻجي ويندو.

سندس چوڻ هو ته جيڪي سرڪاري مالياتي ادارا خساري جي ور چڙهيل آهن، انهن کي پرائيويٽ سيڪٽر جي حوالي ڪيو ويندو، حڪومت ان ڏس ۾ ٻه اهم فيصلا ڪيا آهن، نجڪاري جي عمل ۾ تيزي لاءِ 10 نيون ڪمپنيون آيون، ان عمل کي فاسٽ ٽريڪ تي ڪيو ويندو ته جيئن پيداواري لاڳت وڌي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.