ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڄمون ڪشمير پيپلز ڪانفرنس (جي ڪي پي سي) ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي خلاف پٽيشن داخل ڪري ڇڏي.

جي ڪي پي سي والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪشمير جو هڪ الڳ آئين هو ۽ اهو ئي رهڻ گهرجي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب جي ڪي پي سي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي پارليامينٽ ۾ ڪشمير لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي محدود گنجائش موجود هئي ۽ ڪشميري قانون سازي جي منظوري کانسواءِ ئي وادي جي سياسي شڪل تبديل ڪرڻ جو اختيار ڀارتي صدر کي حاصل ناهي.

هوڏانهن ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف تلنگانا ۾ کاٻي ڌر جي جماعتن جو سيمينار ٿيو، جنهن ۾ مودي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

ان موقعي تي سينيمار ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي بي جي پي جي فاشسٽ نظرين خلاف گڏيل جدوجهد جي اپيل ڪئي.

سندن چوڻ هو ته ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب آهي، پابندي سبب اتان جو عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، وقت جو تقاضو آهي ته ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي.

هنن چيو ته مودي سرڪار جي هڪ ديش، هڪ عوام، هڪ پارٽي ۽ هڪ مذهب جي نعري سان ڀارت کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.