”دنيا ڏسندي ته ڪشمير جو سفير عمران خان ڪهڙي ريت ڪيس پيش ڪندو“

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا 27هين تاريخ تي ڏسندي ته وزيراعظم ۽ ڪشمير جو سفير عمران خان ڪهڙي ريت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مظلوم ڪشميرين جو ڪيس پيش ڪندو.

ملتان ۾ مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان پاڻ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڃي رهيو آهي، سندس تقرير دنيا ڏسندي ۽ سڄي قوم ٻڌندي، ڪشمير مسئلي تي پهريون ڀيرو 1948 ۾ ٺهراءُ آيو ۽ ان کانپوءِ هڪٻئي پويان ٺهراءَ آيا، 54 ورهين کان حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون پر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلو نه اُٿي سگهيو.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪشمير مسئلو عالمي نوعيت جو معاملو بڻجي چڪو آهي ۽ بحث ٿي رهيا آهن، آمريڪي سينيٽر ۽ ڪانگريس مين صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪشمير مسئلي بابت خط لکي رهيا آهن، يورپي پارليامينٽ جا ميمبر به پنهنجي پنهنجي ايوان ۾ ڪشمير جي مسئلي تي بحث ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته اولهه ملڪن جي ميڊيا ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي جهڙي ريت اجاڳر ڪيو، ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، اهو اندروني نه پر عالمي تڪرار آهي، جيڪو حل ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.