ٽرمپ سچائي ڪري ته… وزيراعظم عمران خان وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي حقن لاءِ هر حد تائين ويندو، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ روايتي جنگ ٿي ته ان جي پڄاڻي ايٽمي جنگ تي ٿيندي، جنهن جا نتيجا خطرناڪ هوندا.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته مذهب کان مٿانهون ٿي هر پاڪستاني کي ان جا حق ڏنا وڃن، اسان سکن جي جذبن کي نظر ۾ رکندي ڪرتارپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ڀارت اقليتن کي ڀارتي شهري هجڻ جي بنيادي حق کان محروم پيو رکي.

هن چيو ته ايٽمي تڪرار جو نتيجو تصور ڪرڻ جوڳو به ناهي، جيڪڏهن ٻه ايٽمي طاقتون هڪٻئي خلاف جنگ ۾ داخل ٿي وڃن ته ڪجهه به ممڪن آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ايٽمي جنگ سان عالمي برادري خطرناڪ نتيجن بابت خبردار رهي، پاڪستان اهڙي قوم آهي جيڪا آخري ساهه تائين وڙهندي، ڪو به سمجهدار شخص ايٽمي جنگ جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جنگ ۾ اڳرائي نه ڪندو، مان جنگ جي خلاف آهيان، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان وٺي هيل تائين ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪندو رهيو آهيان پر ڀارت ان کي غلط طريقي سان وٺي رهيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سنجيده مداخلت ڪري ته ڪشمير مسئلي جي حل جي گارنٽي ڏئي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.