ڊونلڊ ٽرمپ اسامه بن لادن جي پٽ جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسامه بن لادن جي پٽ حمزا بن لادن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي.

وائيٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته حمزا بن لادن پاڪ – افغان سرحدي علائقي ۾ آمريڪي دهشتگردي ٽوڙ فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويو هو.

سندس چوڻ هو ته حمزا بن لادن جو موت نه رڳو القاعده جي قيادت پر تنظيم جي ڪارروائين لاءِ به وڏو نقصان آهي.

واضح رهي ته آمريڪا جي بچاءَ واري وزير پڻ گذريل مهيني حمزا بن لادن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا ويا هئا.

آمريڪي ميڊيا جولاءِ جي آخر ۾ آمريڪي فورسز جي آپريشن دوران حمزا بن لادن جي مارجڻ جي خبر ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.