خواجا ڀائرن جي بريت جي درخواست تي بحث لاءِ وڪيل طلب، رمانڊ ۾ واڌ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت پيراگون هائوسنگ اسڪيم ريفرنس جي ٻڌڻي دوران خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي بريت جي درخواست تي بحث لاءِ وڪيلن کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته سندن جڊيشل رمانڊ ۾ 17 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت جي جج جواد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي خواجا ڀائرن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 17 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي.

عدالت خواجا ڀائرن طرفان مٿن لاڳو فرد جرم ختم ڪري بري ڪرڻ جي درخواست تي ڌرين جي وڪيلن کي به بحث لاءِ گهرائي ورتو.

خواجا سعد رفيق طرفان اڳوڻي اٽارني جنرل اشتر اوصاف پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرايو، جڏهن ته نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر علي سلطان ٽيپو بريت جي درخواست تي تحريري جواب جمع ڪرايو.

خواجا ڀائرن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پيراگون ريفرنس بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي ۽ گذريل ٻڌڻي تي قانون خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، تنهن ڪري فرد جرم کي ڪالعدم قرار ڏئي بري ڪيو وڃي.

ايڊووڪيٽ اشتر علي اوصاف جو چوڻ هو ته ڪو به وڪيل ننڍو يا وڏو ناهي هوندو پر عدالت وڏي هوندي آهي.

احتساب عدالت جي جج جواد الحسن کيس مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن ريفرنس آيو هو، ان وقت ڇو نه آيا؟ هاڻ ته فرد جرم به لاڳو ٿي چڪو آهي.

وڪيل چيو اڃا ته هي برسات جو پهريون ڦڙو آهي، اڃا دير ناهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.