آڊٽ رپورٽ ۾ وفاقي وزارتن ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگين جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  مالي سال 18-2017 ۾ وفاقي وزارتن ۾ 15 هزار 673 ارب رپين جي بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.

آڊيٽر جنرل پاڪستان 40 وفاقي کاتن جي گذريل مالي سال جي آڊٽ رپورٽ پارليامينٽ کي موڪلي آهي، جنهن ۾ 51 ڪيسن مان 14 هزار 563 ارب رپين جي ڪمزور مالي انتظامن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ 292 ارب 97 ڪروڙ رپيا ماليت جي ڪيسن ۾ قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ بي ضابطگيون، جڏهن ته 26 هزار 331 ڪيسن ۾ اڪائونٽنگ جي غلطين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

آڊيٽر جنرل رپورٽ ۾ هڪ لک 85 هزار 885 رپيا ماليت جي ڪيسن ۾ وصولين، وڌيڪ ادائيگين ۽ بي قاعدگين جي نشاندهي به ڪئي آهي.

رپورٽ موجب آڊٽ جي نشاندهي تي 4 ارب 90 ڪروڙ رپين جون وصوليون ڪيون ويون، جڏهن ته 4 ڪيسن ۾ هڪ ارب رپين جي استعمال جو رڪارڊ ئي فراهم نه ڪيو ويو.

آڊٽ رپورٽ ۾ ٻين 11 ڪيسن ۾ 86 ڪروڙ 20 لک رپيا ماليت جي چوري، فراڊ ۽ بدعنوانين جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي.

237 ڪيسن ۾ 29 ڪروڙ هڪ لک رپين جي ضابطن جي ابتڙ ادائيگين جي نشاندهي به رپورٽ جو حصو آهي.

آڊيٽر جنرل پاڪستان کي50 وفاقي وزارتن جي آڊٽ جو اختيار آهي پر اها رپورٽ 40 وزارتن جي آڊٽ تي ٻڌل آهي.

اها رپورٽ چارجڊ بجيٽ ۽ ووٽڊ بجيٽ جي آڊٽ سان لکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.