ڪراچي سنڌ ۽ سنڌ ڪراچي آهي، ڌار ڪرڻ وارا پهرين سنڌ جي تاريخ پڙهن

حميده گھانگھرو

وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم جي اسلام آباد ۾ اهم اعلان ته آئين جي آرٽيڪل 149 (4) جي تحت ڪراچيءَ جا انتظامي اختيار وفاقي حڪومت پاران پنهنجي ڪنٽرول ۾ ورتا ويندا. اعلان وقت سنڌ حڪومت جي طرفان تعاون نه ڪرڻ تي شڪايت به ڪئي اٿس .

فروغ نسيم صاحب کان سنڌ جي تاريخ وسري وئي آهي يا  وري کيس ملڪ جي ڳنڀير حالتن ايترو الجهائي رکيو آهي جو صرف الجهڻ کانسواءِ سلجهائڻ واري ڪرت سمجهه ۾ ئي نٿي اچيس . پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ڪراچي پنهنجي وجود ۾ هڪ بهادر عورت مائي ڪولاچي جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي. ٻن دروازن جي قلعي ۾ بند ڪراچي نهايت امن، ڀائيچاري، پيار محبت جي واکاڻ وارو شهر هو، کيس ياد هئڻ کپي ته کارا در ۽ ميٺا در جي ڪهڙي اهميت هئي، اهي شاهي دروازا پنهنجي ماڻهن جي بچاءُ لاءِ ته هئا ڪي حمله آور يا جنگلي جانور رات جي انڌيري ۾ حملو ڪري سندن زندگيءَ جو ڏيئو نه اجهائي سگهن،  ان امن ۽ پيار ڀرئي ڪراچي جي سڃاڻپ محنت، مزدوري، هارپو، ڪاروبار، زندگيءَ جي ڪاروهنوار کي تحفظ ۽ حفاظت سان گذارڻ هو آهستي آهستي جيئن دنيا جي ملڪن ۾ ترقيون ٿينديون  آهن، ڪو ترقيءَ سان گڏ انسان پنهنجي حفاظت جا طريقا به ٻئي نموني اپنائيندو آهي. قلعن ڪوٽن جي صرف تاريخي حيثيت رهي ۽ انسان اڳتي وڌڻ لاءِ سوچيو ،

 اهو تاثر ته سنڌ جا ماڻهو باشعور نه هئا يا کين هنر وغيره ته ايندو هو ته موهن جي دڙي جي بيل گاڏي کي ڏسن يا وري موهن جي دڙي جي تاريخي شهر جي حيثيت کي ڏسن جتي پاڻيءَ جو انتظام صفائي، رهائش، ڪهڙي طرح هئي، سخت گرمي ۽ سردي جي موسم ۾ به ڪهڙي نموني جا گهر هئا، ڪڏهن ڪنهن پاڻيءَ لاءِ احتجاج نه ڪيا هئا، سيوريج جو نظام ڪيئن هئو، پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جي ملاوٽ نه ٿيندي هئي،  اڄ جي جديد دور ۾ جيتريون جديد شيون حاصل آهن اوترا مسئلا به ڏينهون ڏينهن وڌندا رهن ٿا.

سنڌي قوم نهايت سلڇڻي، ٻاجهاري، عقل فهم ۾ اڪابر ڪنهن به حوالي سان گھٽ نه هئي،  اجرڪ ۽ رلهي ته وري دنيا ۾ اهڙو سنڌ جي سڃاڻپ آهن جنهن جي ڪير به ڪاپي نه ڪري سگهيو آهي، اجرڪ جا رنگ ڪائنات جي رنگن وانگر ۽ رلهي ته پوري ڌرتيءَ جي سڃاڻپ جو ڏيک ڏيندي ،

 سنڌي ٻوليءَ جا لفظ دنيا جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ آهن چوڻ ۾ ته سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي . شاهه ڀٽائي، سچل سرمست دنيا جي عظيم مفڪرن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿين ٿا. اهڙي نموني علمي ادبي ترقي سان گڏ شهرين ديوارين کي ٽوڙي شهر کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ڪئي، شهر جون تاريخي عمارتون گواهي ٿيون ڏين ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو ڪراچي پنهنجي ڪهڙي سڃاڻپ  ۽ خوبصورتي جو مالڪ هو. لوڊشيڊنگ  وقت شهر جو اونداهه ۾ گم ٿيڻ وقت سمجهڻ گهرجي ته لائٽ هائوس جي اهميت ڇا هئي. جنهن تي ٻرندڙ وڏا وڏا شمع دان شهر ته شهر پرسمنڊ جي ڪناري تائين روشني پکيڙيندا هئا.

هاڻي انهيءَ ڪراچي کي چئجي ته 1947ع کانپوءِ لڏپلاڻ ۾ آيل مهاجرن سنوارڻ سينگارڻ ۾ مدد ڪئي ته پوءِ لازمي جيڪڏهن ڳنڀير مسئلا آهن اهي گھڻي آدمشماريءَ ڪري به وڌي سگهن ٿا، 15 15 منزل عمارتن تائين رهائش ضرور پريشانيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ۽ انهيءَ جو حل ڪراچي الڳ ڪرڻ ناهي . ڪراچيءَ جي ساهه جي نالي ته سنڌو درياءَ آهي سنڌو جي پاڻي کانسواءِ نانگ بلائن وانگر مٽي ڦڪي جيئڻ جا سانڀاها تيار ٿين ٿا

انهيءَ ڪري ڪراچي ۽ سنڌ الڳ ناهي، سنڌ ڪراچي آهي ۽ ڪراچي سنڌ آهي

جيڪي دعويدار  پاڻ کي مهاجر ڪري الڳ سڃاڻپ ڏيکارين ٿا انهن کي سمجهڻ گھرجي ته لڏپلاڻ وقت سڀ کان وڌ سنڌ جي ماڻهن سندن آجيان ڪئي . اهو ڪراچيءَ ئي هو جنهن پنهنجون سرسبز زمينون رهائش لاءِ پيش ڪيون، سنڌ جي تهذيب نياڻي جي عزت ۽ عصمت جي لڄ حياءُ جو ڀرم رکڻ جي قائل آهي. اڄ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ سسيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ برابر آهي ۽ لازمي هن ڌرتيءَ جا بهادر ۽ غيرت مند پُٽ ڪنهن به حوالي سان سوديبازي نه ڪندا. يقين نه اچي ته ارغونن، ترخانن جي ظلم، زيادتين جو مقابلو هتان جي ڌرتي  ڌڻين ڪيو هئو اهو پڙهي ڏسو !

ڪنهن به ملڪ صوبي، علائقي جي ونڊ ورهاست کان الڳ تاريخ جي بند ورقن کي کولي ڏسڻ گھرجي پر جيڪڏهن  ضمير فروشيءَ جي دائري مان نڪري ويجهڙائي جا مثال ڏسجن ته اڄ به سنڌ جا ماڻهو محبتي ۽ امن سڪ ڏيڻ وارا آهن توڻي جو کڻي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪيتيرين لساني، مذهبي، فرقه پرستي جي جهڳڙن ۾ سنڌ سک جو ساهه نه کنيو آهي. 30 سيمپٽمر پهرين آڪٽوبر سنڌي ماڻهن سان رت جي راند کيڏي ويئي. ڪراچيءَ کان ڪيترا لاش سنڌ جي شهرن ڏانهن اماڻيا ويا، ٻورين بند لاشن جي نه گواهي نه عدالت، بي گناهه رت لڙهي ويو ۽ سچائي اها آهي ته سنڌ ڄائي ڪڏهن به اهو نه چيو ته ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌي ناهن بلڪه زبردستيءَ سمجهايو ٿو وڃي ته هي ڌرتي سڀني جي آهي هن جي بچاءَ ۽ بقاءَ جي ذميداري سڀني جي آهي ڪلهه جا مهاجر اڄ سنڌي آهن پر ڪيترا اردو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ انتها پسنديءَ جي ڄار کان آجا اهوئي چون ٿا ته هاڻي انهن نفرتن مان ڪا سٺي موٽ ناهي ملي. واقعي به ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن کي جاني نقصان سندن جذباتي روين ۽ نفرتن کان مليا آهن ٻورين ۾ بند لاش سکر، روهڙي لاڙڪاڻي کان نه پر خود ڪراچي جي گلين مان مليا آهن .

     ٻاجهاري سنڌ جي اٻوجهه ۽ سچن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻي آهي ته 27 ڊسمبر بينظير ڀٽو جي شهادت وقت جڏهن ملڪ جي ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي جو نظام بيهجي ٿو وڃي ته سنڌ جي هر اسٽيشن تي ٽرين جي مسافرن کي کاڌو پاڻي ۽ ضرورت جون شيون مهيا ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي ماڻهن اهو ڪڏهن نه سوچيو ته هي ٽرين پنجاب کان آئي آهي، اهو پنجاب جنهن لاءِ سنڌي ماڻهن وٽ تاثر آهي ته درياءُ سنڌ جي پاڻي جي اڻاٺ ۾ پنجاب جو وڏو هٿ آهي ته هنن پنهنجي نهري نظام کي اهڙي بهتر انداز ۾ ڪيو آهي جو پاڻي درياءِ سنڌ ۾ اچي نٿو . پاڻيءَ جي ماهرن جو به اهو خيال آهي، پر تنهن هوندي به ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن هڙئون وڙئون ڏئي به ڏکئي وقت ۾ ساٿ سنڀاليو .

ڏسجي ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي ڄڻ انسانيت کي ڌوڏي ڇڏيو هو  وسري ويو ته ڪير پٺاڻ ڪير پنجابي، سنڌ جي مختلف شهر مان سنڌ جي عوام جو رت ڪشمير راولا ڪوٽ ۽ بالاڪوٽ جي زخمين لاءِ جيئڻ جو سهارو بڻيو پر اڄ به ڪنهن حادثي جي صورت ۾ ٽرين ڪنهن به شهر ۾ رڪجي ٿي ته ڳوٺاڻا مانيون، چانور، کاڌا پچائي ۽ پاڻيءَ جاڪولر مٿي تي کڻي مسافرن جي ڏکي ويل ۾ مدد لاءِ بيٺا هوندا آهن،  اِها اُها سنڌ آهي جيڪا پاڻيءَ جي کوٽ سبب بنجر زمين کي به انهيءَ مان سان سنڀالين ٿا ته شايد ڪڏهن پاڻي ملين ، غربت ۽ مفلسي جو شڪار چانهه جي ڍڪ  لاءِ ترسڻ ڪري ٻار خودڪشيون ٿا ڪن، اها سنڌ اڄ به آڌرڀاءُ ۽ محبت پيار سان پنهنجي تهذيب جي پت کي رکيو اچي ٿي.

آئين ٺهن ٿا ۽ ڊهن ٿا . سنڌ جو صرف هڪ ئي آئين آهي ته هيءَ محبت ڀري ڌرتي سڀني کي چوي ٿي  ته اچو اچو هن جو بچاءُ  ڪيو، ننگن نياڻين جي عزت ڪري پنهنجي وجود جي سڃاڻپ صرف هڪ ئي هجي ته هيءَ سنڌ آهي ڪراچي سنڌ آهي سياست مسئلن مونجهارن کي منهن ڏئي حل تلاش ڪرڻ جو نالو آهي عوام جي چونڊيل نمائندن جي اها ذميداري آهي ته اهي عوام جا مسئلا حل ڪن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.