مون کي عهدي جي ضرورت ئي ناهي….!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اڳوڻي ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ پهرين به عمران خان جو سپاهي هيس، هاڻ به آهيان.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو. شهباز گل جو چوڻ هو ته مون کي پنهنجي سربراهه عمران خان تي فخر آهي.

ڊاڪٽر شهباز گل جو چوڻ هو ته وطن عزيز جي خدمت جي لاءِ مون کي ڪنهن عهدي جي ضرورت ناهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته  وزير اعظم عمران خان ئي ملڪ کي مسئلن جي دلدل مان ڪڍندو.

خيال رهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي اڳوڻي ترجمان شهباز گل پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.