خانگي اسڪولن جي فيسن ۾ 2017 کان پوءِ ڪيل واڌ ڪالعدم قرار….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان فيسن ۾ واڌ بابت داخل درخواست رد ڪندي فيسن کي جنوري 2017ع جي سطح تي منجمند ڪندي ڪنهن به واڌ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

خيال رهي ته اڳوڻي چيف جسٽ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڳري فيس وصول ڪندڙ اسڪولن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ۽ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل ڪئي وئي هئي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اسڪولن جي مالڪن عدالت عظميٰ سان رابطو ڪيو هو.

جمعي جي ڏينهن عدالت عظميٰ جي 3 رڪني بينچ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس فيصل عرب به شامل هئا اِهي درخواستون خانگي اسڪولن ۽ شاگردن جي والدين طرفان فيسن ۾ واڌ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ جمع ڪرائي وئي هئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسڪولن خلاف ڪارروائي جو حڪم

عدالت عظميٰ جي ٽي رڪني بينچ 69 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته خانگي اسڪولن 2017ع کان پوءِ فيسن ۾ گهڻي ئي واڌ ڪئي پر هاڻ خانگي اسڪولن جي فيس اُها ئي هوندي جيڪا جنوري 2017ع ۾ هئي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس فيصل عرب فيصلي تي اختلافي نوٽ به لکندي فيسن ۾ واڌ 5 سيڪڙو واڌ جي حد نامناسب ۽ 8 سيڪڙو واڌ زميني حقيقتن سان مطابقت رکي ٿي.

جسٽس فيصل عرب اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته گذريل 30 سالن ۾ وڏي انگ ۾ خانگي تعليمي ادارا کليا آهن ۽ انهن ۾ وڌيڪ شاگردن جي داخلائن جي ڪري سرڪاري تعليمي ادارن جي مستقل ناقص ڪارڪردگي آهي جڏهن ته اڪثر تعليمي ادارن جون عمارتون به خراب آهن.

عدالت عظميٰ پنهنجي فيصلي ۾ پابند ڪيو ته 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ خانگي اسڪولن، والدين کان 20 سيڪڙو فيسن ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ وصول نٿا ڪري سگهو.

عدالت عظميٰ چيو ته فيسن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار جي لاءِ جنوري 2017 جي فيسن کي ئي بنياد بڻايو وڃي ۽ قانون جي موجب لاڳاپيل ريگوليٽري اٿارٽي جي نگراني ۾ اسڪولن جي فيسن جو ٻيهر مقرري کان پوءِ لاڳاپيل اختيارين جي منظوري ملڻ کان پوءِ نيون فيسون والدين کان وٺي سگهبيون.

عدالت فيسن جي شڪايتن ۽ ازالي جي لاءِ شڪايتي سيل قائم ڪرڻ ۽ وصول ڪيل واڌو فيس ايندڙ مهيني جي فيس ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ريگوليٽري اٿارٽي خانگي اسڪولن طرفان وصول ڪيل فيسن تي نظر رکندي جيئن قانون جي عملداري کي يقيني بڻائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.