ٽئين شادي ڪرڻ تي زال هٿان مڙس قتل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس سلطان علي شاهه جي قتل جي الزام ۾ سندس زال ۽ سالي کي گرفتار ڪيو ويو.

تفصيل موجب لاهور جي علائقي  سندر مان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شخص جو لاش هٿ ٿيو جنهن جي سڃاڻپ سلطان علي شاهه جي نالي سان ٿي هئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب مقتول کي گهٽا ڏئي ماريو ويو ۽ سندس آڱريون به وڍيون ويون.

هي به پڙهي سگهو ٿا:زال هٿان مڙس قتل…… گرفتاريون

سندر انويسٽي گيشن پوليس جاچ دوران مليل ثبوتن جي روشني ۾ مقتول جي زال سميعه ۽ سالي کي گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته سلطان علي شاهه کي ٽئين شادي ڪرڻ تي رنجش تي سندس ٻي زال سميعه پنهنجي ڀاءُ وسيم الحسن جي مدد سان قتل ڪيو.

سميعه پنهنجي ڀاءُ وسيم الحسن جي مدد سان کيس کير جون نشي آور گوريون ڏئي سمهاري ڇڏيو ۽ ساڳي حالت ۾ ڳچي ۾ ڦاهو وجهي قتل ڪيو، بعد ۾ مقتول جو لاش گاڏي ۾ وجهي کڏ ۾ اُڇلايو ويو، ان کان اڳ جوابدارن سلطان علي شاهه جي سڃاڻپ مٽائڻ جي لاءِ سندس آڱريون ڪٽيون ويون جيئن ان سندس آڱرين جي نشانن جي مدد سان سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس ٻنهي جوابارن کي  حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

ياد رهي ته ان کان اڳ پشاور ۾ زال مڙس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو  هو.

مردان ۾ ڊانگ بابا هوتي جي علائقي ۾ پوليس مڙس کي قتل ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين موجب زال پنهنجي مڙس کي باهه ڏئي ماري ڇڏيو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته پهرين مڙس کي نشي واريون گوريون ڏنيون ۽ پوءِ ان تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ مقتول جو لاش سڃاڻپ جوڳو به نه رهيو.

ايس ايڇ او مردان موجب مقتول مسواڙ جي گهر ۾ رهيل هو، پوليس ڪارروائي ڪندي عورت کي گرفتار ڪري ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.