ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون وڌيڪ هڪ ٻه ڏينهن معطل رهنديون، جڏهن ته شهر ۾ هاڻ سانوڻي جي برسات جو ڪو امڪان ناهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته عرب سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ اڃا تائين موجود آهي، جنهن سبب شهر ۾ سامونڊي هوائن معطل رهڻ جو امڪان آهي، هوا جو گهٽ دٻاءُ ختم ٿيڻ ۾ هڪ کان ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪراچي ۾ حبس ۽ گرمي، پد 46 ڊگري محسوس ٿيو….!
موسيمات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب سڀاڻي ٻي پهري تائين سامونڊي هوائن معمول کان گهٽ رفتار سان هلي سگهن ٿيون پر شهر ۾ وڌيڪ مون سون اسپيل جو ڪو امڪان ناهي، 15 سيپٽمبر تائين مون سون پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويندو.
#Karachi | It’s currently Fair and 32C outside.
— [Pakistan Weather] (@WeatherPK) September 11, 2019