ڪراچي ۾ مکين جي گهڻائي تي ميئر کان جواب طلب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر ۾ گندگي ۽ مکين جي گهڻائي بابت درخواست تي نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي ميئر ۽ ٻين اختيارين کان جواب گهري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري طرفان ڪراچي ۾ گندگي ۽ مکين جي گهڻائي بابت درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن تي عدالت ميئر وسيم اختر ۽ ڊي ايم سيز چيئرمينز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪراچي ۾ مکين جي ذميوار پي ٽي آءِ قرار…!

درخواست جي ٻڌڻي تي موقعي تي ميئر سميت ڪير به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر وسيم اختر، ڊي ايم سيز چيئرمينز ۽ مڪاني سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا.

عدالت حڪم ڏنو ته ڌريون ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجو جواب يقيني طور تي داخل ڪرائن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.