جڏهن ضرورت هوندي تڏهن ئي عدالت سو موٽو نوٽيس وٺندي : چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته ڪنهن جي مطالبي تي ورتل سو موٽو نوٽيس ناهي هوندو، جڏهن  ضروري پئي  ته عدالت سوموٽو وٺندي.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسه نئين عدالتي سال جي تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته سوسائٽي جو هڪ طبقو جوڊيشل ايڪٽو ازم ۾ دلچسپي نه هجڻ تي ناخوش آهي ۽ اُهو ئي بطقو ڪجهه مهينا اڳ جوڊيشل ايڪٽو ازم تي تنقيد ڪندو هو.

هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون موجب ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، عدالتي عمل ۾ دلچسپي رکندڙ درخواست ڏين، ٻڌي فيصلو ٿيندو، تقرير ۾ چئي چڪو آهيان ته سوموٽو جو اختيار قومي اهميت جي معاملي تي استعمال ٿيندو. جيڪو ڪنهن جي مطالبي تي ورتو وڃي اهو سوموٽو نوٽيس ناهي هوندو. جڏهن ضروري ٿيو ته عدالت سوموٽو نوٽيس وٺندي.

جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته پنهنجي گھر کي درست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سو موٽو تي عدالتي ٽارو گھڻو محفوظ آهي ۽ گھٽ نقصان ڏيندڙ آهي. جوڊيشل ايڪٽوزم بدران جوڊيشل ازم کي هٿي ڏئي رهيا آهيون. گذريل عدالتي سال جي شروعاتي ٻڌڻي هيٺ پيل ڪيسن جو انگ 1.81 ملين (18 لک 10 هزار) هيو. لا اينڊ جسٽس ڪميشن موجب اهو انگ گھٽ تي 1.78 ملين (17 لک 80 هزار) ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل سال سپريم ڪورٽ ۾ 19 هزار 751 ڪيس داخل ٿيا، گذريل سال سپريم ڪورٽ 57 هزار 684  ڪيس اڪلايا. سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ اي ڪورٽ سسٽم متعارف ڪرايو. اي ڪورٽ سان سپريم ڪورٽ پرنسيپل سيٽ ۽ رجسٽريز سلهاڙيل هيون. آمريڪا ۾ سول ججز جي تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو ويو.

چيف جسٽس چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس دنيا جو مستقبل آهي. پاڻ مرادي نوٽيس سان لاڳاپيل مسودو ايندڙ فل ڪورٽ ميٽنگ تائين تيار ڪيو ويندو. مسئلي کي به هڪ ڀيرو سدائين لاءِ حل ڪيو ويندو.

هن چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي ڏکيو ترين ڪم قرار ڏنو ويو، آئين صدر کي ڪنهن به جج جي ڪنڊڪٽ جي جاچ لاءِ هدايت جو اختيار ڏئي ٿو. صدر جي ڪنهن به جج خلاف شڪايت جوڊيشل ڪائونسل جي راءِ تي اثر انداز ناهي ٿيندي، ٻئي پاسي ڪائونسل پنهنجي ڪارروائي ۾ آزاد ۽ بااختيار آهي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: پوليس کي عام طور تي خبر هوندي آهي ته علائقي ۾ ڦُر ڪير ڪندو…

سندس چوڻ هو ته گذريل سال سپريم جوڊيشل ڪائوسنل ۾ خانگي درخواستن جو انگ 56 هيو، گذريل سال ڪائونسل ۾ 102 شڪايتون داخل ٿيون. گذريل عدالتي سال ۾ ڪائونسل ۾ 149 شڪايتون اڪلايون ويون. هن وقت سپريم جوڊيشل ڪائوسنل ۾ رڳو 9 شڪايتون ٻڌڻي هيٺ آهن. 9 شڪايتن ۾ صدر طرفان داخل 2 ريفرنس به شامل آهن.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته صدر طرفان موڪليل ٻنهي ريفرنسز تي ڪائونسل ڪارروائي ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪائونسل جا سڀئي ميمبر ۽ چيئرمين پنهنجي حلف تي قائم آهن. ڪائوسل ڪنهن به قسم جي ڊپ، بدنيتي يا دٻاءَ کان سواءِ ڪم جاري رکندي، انصاف جي فراهمي کان سواءِ ڪائوسل کان ڪا به اميد نه رکي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.