آرمي چيف سان آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جي ملاقات

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل ڪنيٿ مڪينزي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف سان ڪمانڊر سينٽ ڪام جنرل ڪنيٿ مڪينزي جي اڳواڻي ۾ آمريڪي وفد جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪ فوج هڪ ٻئي ڀارتي ڪوڙ بي نقاب ڪري ڇڏيو….!

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.