پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ ڳالهيون…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف اي ٽي ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت ڳالهون بينڪا ۾ جاري آهن.

پاڪتان جي 20 ميمبرن تي ٻڌ ٽيم ايف ٽي ايف سان ڳالهين جي لاءِ بينڪاڪ ۾ موجود آهي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير حماد اظهر ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڳالهين واري ٽيم ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ ايف بي آر، ايس اي سي پي، نارڪوٽڪس سميت حساس ادارن جا نمائندا شامل آهن.

وزير اعظم عمران خان فيٽف سان سڌين سڌو سنئون ڳالهين جي لاءِ وفاقي وزير حماد اظهر جي سربراهي ۾ ڳالهين جي لاءِ ٽيم جي بينڪاڪ وڃڻ جي منظوري ڏني آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پاڪستان ايف اي ٽي ايف پڌرائي تي ڀارتي بيان رد ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان ۽ فيٽف جي وچ ۾ ڳالهيون 13 سيپٽمب تائين جاري رهنديون جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ يا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو  ٿيندو جڏهن ته ڳالهين ۾ فيٽف جي اي پي جي طرفان منظوري واري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي معاملي تي به ڳالهيون ٿينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته منظوري واري لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ اي پي جي طرفان ڏنل 125 سوالن جا جواب به طلب ڪيا ويا آهن ۽ فيٽف ٽيم سان ڳالهيون به پاڪستاني اختيارين سان دوبدو ٿي سوال ۽ جواب ٿيندا، ذريعن موجب فيٽف ڳالهين ۾ پاڪستان طرفان موقف اي پي جي جي ذريعي هوندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيٽف سان ڳالهين ۾ مني لانڊرنگ ۽ ٽيررازم  فنانسنگ  جي خاتمي لاءِ 10 اهم سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.

ٽيررازم فنانسنگ ۾ ملوث عنصرن کي سزائون ڏيڻ  بابت تفصيل گهري وئي آهي ۽ ڳالهين ۾ ٽيررازم فنانسنگ جي ڪيسن جي انويسٽي گيشن، پراسيڪيوشن و ڪنونشن جي حوالي سان خاميون ختم ڪرڻ بابت به سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا ۽ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ نومبر 2019ع ۾ پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ يا گري لسٽ مان ڪڍڻ يا برقرار رکڻ بابت فيٽف طرفان فيصلو ڪيو ويندو.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل نه ٿيندو ۽ گري لسٽ مان نالو ڪڍڻ جا به امڪان آهن پر گري لسٽ ۾ رکيو ويو ته ڪجهه شرطن سان گري لسٽ ۾ رکيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.