عمران خان جي نالائقي جي وائرس سڄي نظام کي پوليو ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو: ن ليگ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي نالائقي ۽ نااهلي جي وائرس سڄي نظام کي پوليو ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ سال ۾ پوليو جي مريضن جو انگ 3 کان 62 ٿي ويو، شايد عمران خان ٽي وي نه ڏٺي هجي، عمران صاحب وقت تي نوٽيس وٺي ڇڏيو، ملڪ ۾ پوليو ۽ ڊينگي جي مريضن ۾ روز جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ملڪ ۾ پوليو جي وڌيڪ ٻن ڪيسن جي تصديق

هن چيو ته حڪومت جي نااهلي، مجرماڻي لاپرواهي ۽ نالائقي سبب پوليو جا سمورا گلوبل پروگرام ئي خطري ۾ پئجي ويا آهن، اهي سمورا عالمي ادارا جيڪي معيشت جيان پوليو پروگرام جي تعريف ڪري رهيا هئا، اڄ ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن، نواز شريف جي دور ۾ عوام کي صحت جي خدمتن جي فراهمي جي پروگرام کي عالمي سطح تي بهترين مثال قرار ڏنو پئي ويو پر هاڻ تحقيق ۽ نگراني ڪندڙ ادارا پاڪستان ۾ پوليو پروگرام جي ناڪامي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن، خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته هتان پوليو وائرس دنيا جي ٻين خطن ۾ نه پکڙجي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.