والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون جاري، محرم الحرام جي جلوس تي پابندي

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي 35 ڏينهن ٿي ويا ۽ قابض انتظاميا ماٿري ۾ محرم الحرام جي جلوسن تي به پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

والاريل وادي ۾ 35هين ڏينهن به انٽرنيٽ سميت مواصلاتي رابطا ڪٽيل آهن، حريت قيادت ۽ سياسي اڳواڻ به جيئن جو تيئن گهرن ۽ جيلن ۾ بند آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري، وڌيڪ هڪ نوجوان شهيد

والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون سبب کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ان سان گڏوگڏ مريضن کي دوائون به نه ملي رهيون آهن.

پابندين باوجود گذريل ڏينهن سرينگر ۾ 7 محرم الحرام جو جلوس ڪڍيو ويو، جڏهن ته قابض فوج طرفان عزادارن تي پيلٽ گنز جي استعمال ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا.

ڀارتي فورسز جلوس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين تي به تشدد ڪيو ۽ انهن جون ڪئميرائون ٽوڙي ڇڏيون، تشدد ۾ 4 صحافي زخمي پڻ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.