غلام الله ٻهراڙي صحت مزڪز مان مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، اسپتال تلاءَ ۾ تبديل

عوامي آواز رپورٽ
غلام الله ٻهراڙي صحت مزڪز مان مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، اسپتال تلاءَ ۾ تبديل
عوامي آواز رپورٽ غلام الله ٻهراڙي صحت مزڪز مان مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، اسپتال تلاءَ ۾ تبديل

 

صحت کاتي جي انتظاميا جي بي ڌياني سبب برساتن کي مهينو گذرڻ باوجود به غلام الله ٻهراڙي صحت مرڪز مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اسپتال تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

صحت مرڪز ٻاهران چوڌاري گوڏي جيڏو ڪَنو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري بيمار ماڻهو علاج لاءِ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندي اسپتال پهچن ٿا.

ڪلوئي: مستحقن لاءِ صحت انصاف ڪارڊ حاصل ڪرڻ چيلينج بڻيل

اسپتال ٻاهران گپ چڪ هئڻ ڪري روزانو ڪيتريون ئي عورتون، پيرسن ۽ ٻارڙا ترڪي زخمي ٿين ٿا پر انتظاميا گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا.

صحت مرڪز جي انچارج ڊاڪٽر جمال جو چوڻ آهي ته مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اختيارين کي لکيو آهي پر ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته گٽرن جو گندو پاڻي به  اسپتال ۾ ڪاهي پيو آهي……….

سندس چوڻ هو ته اسپتال علاج جون بهتر سهولتون آهن، برسات کانپوءِ اسپري نه ٿيڻ ڪري علائقي ۾ مليريا تيزي سان پکڙجي پيو.

اسپتال عملي ۽ مريضن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي فوري ڪَنو پاڻي نيڪال ڪرائي عوام کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.