جهڏو: مسمات زمرت پنهنجي بيواهه امڙ ۽ ڀينرن سان گڏجي طلاق ڏنل مڙس جي ڏاڍ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
جهڏو: مسمات زمرت پنهنجي بيواهه امڙ ۽ ڀينرن سان گڏجي طلاق ڏنل مڙس جي ڏاڍ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ جهڏو: مسمات زمرت پنهنجي بيواهه امڙ ۽ ڀينرن سان گڏجي طلاق ڏنل مڙس جي ڏاڍ خلاف احتجاج

 

جهڏي ۾ مسمات زمرت ماڇي پنهنجي بيواهه امڙ ۽ ڀينرن سان گڏجي طلاق ڏنل مڙس ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو.

جهڏو: آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

سندس چوڻ هو ته اڳوڻو مڙس طلاق ڏيڻ بعد زبردستي گهر ۾ گهڙي ناجائزي ڪرڻ چاهي ٿو، مزاحمت ڪرڻ تي بااثر منهنجي ڀائرن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڌمڪيون پيو ڏئي.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي مڙس کي علائقي جي بااثر جي حمايت حاصل آهي جنهن ڪري پوليس هنن جي ڪا به مدد نه پئي ڪري.

متاثر ناري جي امڙ ۽ ڀيڻ چيو ته علي گل رات جي وقت ڀت ٽپي گهر اندر داخل ٿي کين اغوا ڪرڻ جي ڌمڪيون ڏئي تذليل جو نشانو بڻائي رهيو آهي.

متاثرن اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.