پاڪ فوج هڪ ٻئي ڀارتي ڪوڙ بي نقاب ڪري ڇڏيو….!

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ پنهنجي عوام کي جنگي جنون ۾ مبتلا ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوڙي ڪهاڻي بي نقاب ٿي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ميڊيا ايل او سي تي 21 آگسٽ تي 2 دهشتگرد پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي. درحقيقت 21 آگسٽ تي ايل او سي جي حاجي پير سيڪٽر ۾ محمد ناظم ۽ خليل احمد نالي 2 هارين غلطي سان لائن آف ڪنٽرول کي ڪراس ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارت خلائي مشن جي ناڪامي جو ذميوار ڪنهن کي چوندو آءِ ايس آءِ کي يا ڪشميري عوام کي؟: پاڪ فوج ترجمان

واقعي تي فوجي اختيارين 27 آگسٽ تي هاٽ لائن تي رابطو ڪيو، 3 سيپٽمبر تي پاڪستاني اختيارين ان معاملي تي ڀارتي اختيارين کان هاٽ لائن تي ڳالهيون ڪيون، ڀارتي اختيارين ٻنهي پاڪستاني شهرين جي موجودگي جو اعتراف ڪيو. ڀارتي اختيارين پاڪستاني اختيارين جي مطالبي جي منظوري ۽ ضابطي تي عمل جو واعدو ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته واقعي تي فوجي اختيارين 27 آگسٽ تي هاٽ لائن تي رابطو ڪيو، 3 سيپٽمبر تي پاڪستاني اختيارين ان معاملي تي ڀارتي اختيارين سان هاٽ لائن تي ڳالهيون ڪيون، ڀارتي اختيارين پاڪستاني اختيارين جي مطالبي جي منظُري ۽ ضابطي تي عمل جو واعدو ڪيو. هن  چيو ته ڀارت جيان ڪوڙي آپريشن جي لاءِ رستو ٺاهي رهيا آهيون، ڀارتي ميڊيا 2 پاڪستانين کي دهشتگردي قرار ڏئي حقيقتن کي مسخ ڪري رهيو آهي.


ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي خلائي مشن چندريان جي ناڪامي تي چيو هو ته هاڻ ڀارت خلائي مشن جي ناڪامي جو ملبو ٻيهر آءِ ايس آءِ يا معصوم ڪشميرين تي اڇليندو.
پاڪ فوج ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي خلائي مشن چندريان جي ناڪامي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آءِ ايس آر او (انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن) کي تنقيدي شاباشي ڏيندي چيو ته چندريان جي ناڪامي جو الزام هاڻ ڀارت ڪنهن تي هڻندو، ڇا ناڪامي جو سبب والاريل ڪشمير جو معصوم عوام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.