والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري، وڌيڪ هڪ نوجوان شهيد

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪرفيو ۽ پابندين کي 34 ڏينهن گذري ويا، جڏهن ته هنڊوارا ۾ حراست هيٺ نوجوان تشدد ۾ شهيد ٿي ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب هنڊوارا جي شهري رياض احمد کي اربع ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو، قلم آباد پوليس اسٽيشن ۾ نوجوان سخت تشدد کانپوءِ شهيد ٿي ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: دنيا والاريل ڪشمير ۾ سڀ ڪجهه پئي ڏسي….!

ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي انتظاميا وڌيڪ 29 ڪشميرين کي آگرا سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن جمعي جي نماز کانپوءِ سوين ڪشميرين ڀارت خلاف احتجاج ڪيو، سوپور، هاجن، پلواما ۽ شوپيان سميت ٻين علائقن ۾ احتجاج ڪيو ويو.

قابض سيڪيورٽي فورسز احتجاج ڪندڙن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ پيلٽ گنز جي شيلنگ ڪئي، جنهن سبب ڪيترائي ڪشميري زخمي ٿيا.

ڪشميري ميڊيا موجب والاريل وادي جي مرڪزي مسجدن ۾ جمعي جي نماز جي اجازت به نه ڏني وئي، وادي ۾ 34 ڏينهن کان جاري ڪرفيو سبب مواصلاتي نظام معطل آهي، جبري پابندين سبب ڪشميري گهرن ۾ واڙيل آهن، جن وٽ نه رڳو کاڌي پيتي جي شين پر دوائن جي به کوٽ آهي، جڏهن ته مريضن کي اسپتال وڃڻ جي اجازت به نه پئي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.