شرجيل ميمڻ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري….!

اسلام اباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف ماڻهن جي خلاف ڪيسن جي منظوري جو جائزو ورتو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:شرجيل ميمڻ جي ڏکيائين ۾ واڌ……!

نيب پڌرائي موجب اجلاس ۾ نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن تي مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي آمدن کان وڌيڪ اربين رپين جا اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي.

ذريعن موجب نيب شرجيل ميمڻ جي خلاف احتساب عدالت ڪراچي ۾ ريفرنس داخل ڪندو.

 


ياد رهي ته ان کان اڳ نيب چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني هئي.
ڪجهه عرصو تڪرار کان پري رهندڙ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر جاچ جي ور چڙهي ويو هو.
نيب ترجمان چيو هو ته شرجيل ميمڻ کان آمدن کان وڌيڪ اثاثن، مني لاندرنگ تي جاچ ڪئي ويندي، ان سان پهرين شرجيل ميمڻ جي خلاف رڳو انڪوائري هلي رهي هئي.
نيب ترجمان جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي اجازت کان پوءِ باقاعده جاچ آعاز ڪري ڇڏيو آهي، شرجيل ميمڻ اختيارن جو ناجائزو فائدو کڻي اربن جي ڪرپشن ۽ عهدي جي مقرري دوران جو غلط استعمال ڪيو، ڪرپشن ذميوار ٿيو.
نيب جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير بدعنواني جي ذريعي ڪيتريون ئي بنا نالي ملڪيتون بڻايون، شرجيل ميمڻ بنا نالي ملڪيتون خاندان ۽ ملازمن جي نالن تي بڻايون.
نيب ڪراچي شرجيل ميمڻ جي سمورين ملڪيتن جي تفصيل جاري ڪئي هئي، سندس ماءُ جي نالي تي 270 ايڪڙ جي زرعي زمين آهي، هن مني لانڊرنگ سان پرڏيهه 1 ارب 8 ڪروڙ کان وڌيڪ جي رقم موڪلي، حيدرآباد راول فارم هائوس جي ماليت 1 ارب رپيا آهي، حيدرآباد ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ڪاٽن فيڪٽري بڻائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.