ننڍي ڀاءَ ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو….!

بنون(ويب ڊيسڪ) ملڪيت جي تڪرار تان ننڍي ڀاءَ فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب نون جي علائقي ڊوميل پٽول خيل ۾ ملڪيت جي تڪراري تان ڀائرن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن دوران ننڍي ڀاءَ سان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ئي ڀائرن تي فائرنگ ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڀائر مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:لاهور ۾ معمولي ڳالهه تان ٻه سڳا ڀائر قتل

پوليس ٻڌايو ته واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا جي لاءِ ڪارروائيون جاري آهن جڏهن ته زخمي ٿيل هڪ شخص کي اسپتال اماڻيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ گاڏي تي لڳل اسٽيڪر لاهڻ کان منع ڪرڻ تي پاڙيسرين ڇرين سان حملو ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيوهو.

لاهور جي علائقي ستوڪتلا ۾ بٽ چوڪ جي رهواسي رياض مسيح ٻڌايو ته سندس پٽن جاويد ۽ سلمان پاڙيسرين جي ڇوڪرن کي گاڏي تان اسٽيڪر لاهڻ کان جهليو  جنهن تان جهيڙو ٿي پيو هو.

پاڙسري امجد ۽ نويد پهريان منهنجي پٽن کي ڪٽڪو ڪڍيو ۽ گھر جو سامان ڀڃي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ امجد ۽ نويد جي پيءُ عبدالحجيد معاملي کي ختم ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ پوءِ وري پنهنجي پٽن سان گڏجي ڇرين سان حملو ڪري منهنجي پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

ايس ايڇ او ستوڪتلا پوليس شهزاد رضا ٻڌايو هو ته کين ايمرجنسي نمبر 15 تي ڪال آئي ته هڪ ذهني مريض شخص ماڻهن کي ڇريون هڻي زخمي ڪري رهيو آهي جنهن تي ڊولفن فورس جا جوان اتي پهتا پر جوابدار اتان  جوابدار فرار ٿي ويا هئا.

پوليس واقعي واري هنڌ موجود ٻنهي زخمين جاويد ۽ سلمان کي کڻائي اسپتال منقتل ڪيو، جاويد زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سلمان اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن کان پوءِ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.