اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ڪشمير سان يڪجهتي طور ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڄ 6 سيپٽمبر جو ڏينهن سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع پاڪستان ۽ ڪشمير سان يڪجهتي طور ملهايو پيو وڃي جڏهن ته مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي.

وزيراعظم عمران خان يوم دفاع تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير سان يڪجهتي ڏهاڙو ملهائڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ سرڪاري ادارن ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ يوم دفاع ۽ ڪشيمر بابت مختلف تقريبون منعقد ٿي رهيون آهن.

مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي، پاڪستان  پنجاب رينجرز جي دستن سلامي ڏني ۽  گارڊز جي ذميواري سنڀالي، مياني صاحب قبرستان ۾ ميجر شبير شريف شهيد جي قبر تي گل ڇٽريا ويا ۽ فاتحه خواني ٿي، جنهن کان پوءِ فوج جي جوانن سلامي ڏني.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: بچاءَ سان گڏوگڏ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو به ملهائڻ جو فيصلو

برڪي علائقي ۾ ميجر عزير ڀٽي شهيد، باٽاپور ۽ مناوان ۾ 1965ع جنگ ۾ حياتيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي يادگارن تي حڪومتي، فوجي شخصيتن ۽ عام شهرين طرفان گل ڇٽري چادرون ڇاڙهيون ويون ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي.

پاڪستان ايئرفورس جي انتظام هيٺ لاهور ائير بيس ۾ پاڪ فضائيا جي استعمال هيٺ جنگي جهازن ۽ ٻين سامان جي نمائش ٿي جڏهن ته ائيرفورس جي جديد جهازن فلاءِ مارچ به ڪيو.

واضح رهي ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته يوم دفاع سان گڏ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو به ملهايو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عوام يوم دفاع تي شهيدن جي خاندانن وٽ وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.