ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي خروٽ آباد ۾ هڪٻئي پويان ٻن ڌماڪن ۾ هڪ ريسڪيو ورڪر شهيد ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب پهريون ڌماڪو ٽرانسپورٽ ڪمپني جي آفيس ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ سان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪوئيٽا ۾ آپريشن، عورت سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا
ڪجهه دير کانپوءِ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي آفيس ۾ ٻيو ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن پوليس اتي پهتي.
ٻئي ڌماڪي ۾ هڪ ريسڪيو ورڪر شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن سميت ڪجهه زخمي ٿي پيا.
Prayers for Quetta where simultaneous bomb explosions, one after another, have critically injured and martyred rescue workers, police officials and journalists. #Balochistan
— Iftikhar Firdous (@IftikharFirdous) September 5, 2019