يوم دفاع ڪيئن ملهايو ويندو….! اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته هر محاذ تي ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندا رهنداسين.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته يوم دفاع غيور ۽ بهادر ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار طور ملهائينداسين. ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪشمير آور قوم جي جذبن جو مذاق اڏائيندڙن لاءِ سبق آهي: فردوس عاشق اعواڻ

خاص مددگار چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ ڄمي بيٺو آهي، هر محاذ تي ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندا رهنداسين.

ياد رهي ته اطلاعات بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته ڪشمير آور جي ڪاميابي انهن ماڻهن لاءِ سبق آهي، جن قوم جي جذبن جو مذاق اڏايو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي ڪشمير آور جي اپيل تي سڄي قوم روڊن تي نڪتي ۽ اڌ ڪلاڪ لاءِ احتجاج ڪيو، جيڪو عالمي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، اهو انهن سڀني لاءِ سبق آهي، جن قوم جي سچي جذبي جو مذاق اڏايو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جي خلوص ۽ نيت تي ٻڌل سفارتڪاري ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جون لازوال قربانيون سڄي دنيا ۾ پنهنجو رنگ لائي رهيون آهن، اڄ دنيا مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ پاڪستان سان گڏ هڪ زبان ٿي آواز بلند ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.