سنڌ حڪومت جو 2 ڏينهن موڪل جو اعلان….!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام جي مناسبت سان 9 ۽ 10 سيپٽمبر سومر، اڱاري تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:محرم الحرام: پنجاب حڪومت انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

ٻئي پاسي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ 8 کان 10 محرم تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

عورتون، ٻار، بزرگ، معذور ۽ صحافي ان پابندي کان آجا هوندا جڏهن ته سيڪيورٽي جي لاءِ جلسن جي گذرگاهن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا نصب ڪيا ويندا.

 


واضح رهي ته پنجاب جي گهرو کاتي محرم الحرام جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
گهرو کاتي جو چوڻ هو ته پنجاب جي 12 ضلعن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 29 ضلعن ۾ فوج طلب ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.
سڄي صوبي ۾ 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، جڏهن ته عاشوري جي ڏينهن جلوسن جي رستن ۾ موبائل سروس بند رهندي، ان سان گڏوگڏ وڏن جلوسن جي ڪئميرائن سان مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.