وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪهڙا فيصلا ٿيا…؟ چڱن مڙسن جي پريس ڪانفرنس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته ڪنهن به سيڪٽر ۾ ڪنهن کي رعايت نه پئي ڏني وڃي، موجوده آرڊيننس شفاف طريقي سان آندو ويو آهي ۽ پاور سيڪٽر ۾ رعايت ڏيڻ جي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ۽ پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته گئس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (ڊي آءِ جي سي) ڪا نئين شئي ناهي، 2011 جي حڪومت جي آءِ ڊي سي لڳائي، 2017 جي حڪومت سي اين جي سيڪٽر تي ان حوالي سان معاهدو ڪيو، اسان جي آءِ ڊي سي معاملو حل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن عوام کي رليف ملي.

هن چيو ته ڪنهن به سيڪٽر ۾ ڪنهن کي رعايت نه پئي ڏني وڃي، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر ان معاملي جي شروعات ڪئي، جڏهن ته موجوده آرڊيننس شفاف طريقي سان آندو ويو آهي ۽ پاور سيڪٽر ۾ رعايت ڏيڻ جي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، فرٽيلائزر سيڪٽر سان فرانزڪ آڊٽ ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويندو، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته آرڊيننس ۾ ترميم ڪري فرانزڪ آڊٽ جي شق شامل ڪئي وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا….!

سندس چوڻ هو ته پاڪ، ايران گئس پائپ لائن سبب جي آءِ ڊي سي 2011 ۾ لڳائي وئي، ان جي مد ۾ 217 ارب رپيا گڏ ٿيا، سپريم ڪورٽ اهو چئي روڪيو ته جنهن مقصد لاءِ پئسو گڏ ٿي رهيو آهي، ان تي نه پيو لڳي، ان کانپوءِ اسان وٽ ٻه آپشن هئا، يا ته معاملو ڪورٽ ۾ هلندو رهي يا حل ڪڍيو وڃي.

نديم بابر ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پراڻا معاملا ختم ڪري ريٽ گهٽ ڪيا وڃن، فرٽيلائزر ڪمپنيون جي آءِ ڊي سي تحت پنهنجون قيمتون فائنل ڪنديون آهن پر ڪابينا جو فيصلو آهي ته فرٽيلائزر ڪمپنين سان معاهدي کان اڳ انهن جي آڊٽ ڪئي وڃي.

هن ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آرڊيننس ۾ فرانزڪ آڊٽ جي شق شامل ڪئي ويندي، آڊٽ سان طئي ٿيندو ته ڪيتري سيس گڏ ڪئي ۽ ڪيتري جمع ڪرائي وئي، جن صنعتن جي آءِ ڊي سي وصول ڪيو، انهن کي رعايت نه ملندي، ٽيرف ۾ جي آءِ ڊي سي شامل ڪندڙ بجلي ڪمپنين کي ڇوٽ نه ملندي، جيڪي ڪمپنيون ڀاڻ جي قيمت ۾ جي آءِ ڊي سي وصول ڪري رهيون آهن، انهن کي به ڇوٽ نه ملندي.

ان موقعي تي فردوس عاشق اعواڻ ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 10 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهه ٿي، جن مان 8 نڪتن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ٻن کي پوئتي ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي سخت مذمت ڪئي وئي، وزيراعظم سڄي دنيا ۾ ڪشميرين جي ترجماني ڪري رهيو آهي، عمران خان جو ڪشميرين جو آواز دنيا تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار آهي ۽ هن عالمي سطح تي مودي جي موقف کي شڪست ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.