گانڌي به ڪشميرين لاءِ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو…!

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف لنڊن ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ احتجاج ڪندڙن گانڌي جي مجسمي کي به ڪشمير جو جهنڊو کڻائي ڇڏيو.

لنڊن ۾ ڪيل احتجاج ۾ پاڪستاني ۽ ڪشميري شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙن پارليامينٽ اسڪوائر تي احتجاج کانپوءِ ريلي جي صورت ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن وڃي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪشميرين جي بنيادي حقن جو احترام ڪيو وڃي: او آءِ سي

احتجاج ڪندڙن لنڊن ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جو گهيرو ڪري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.

ڪشميرين جي جلوس جي روٽ تي ٽريفڪ مڪمل طور جام ٿي وئي، پوءِ ڪشميرين جي احتجاج دوران 15 پارليامينٽ ميمبرن 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي پٽيشن پيش ڪئي.

احتجاج ڪندڙن گانڌي جي جمسمي کي به ڪشمير جو جهنڊو کڻائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.