پرڏيهي وزير جو اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب…..!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت جي هندوتوا جي نظريي جي خلاف بيهڻ اسان جي پاليسي جو حصو آهي.

شاهه محمود قريشي اسلا آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته پرڏيهي پاليسي ڪيترن ئي ادارن جي مدد سان بڻائي ويندي آهي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي اندرين ۽ ٻاهرين معاملن کي نظر ۾ رکي بڻائي وئي آهي، پرڏيهي پاليسي ۾ ترجيحن جو تسلسل رکيو ويو آهي، بهترين پرڏيهي پاليسي سان پاڪستان اڪيلائي مان نڪري آيو آهي.

ڀارت 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير کي جيل بڻائيندي 4 هفتا گذري چڪا آهن، ڪشميري هڪ مهيني کان بنيادي سهولتن کان محروم آهن، وادي جي معصوم هٿين خالي عوام هٿياربند قابض فوج جو مقابلو ڪري رهي رهيو آهي، والاريل ڪشمير جي قيادت کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڀارتي قدم تي سڄي دنيا ۾ ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ڀارتي ظلمن تي برطانوي پارليامينٽ، يورپي يونين، او آءِ سي، گڏيل قومون ۽ ٻيا ادارا به ڳالهائي رهيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا : شاهه محمود قريشي جي ڀارت کي مشروط  ڳالهين جي آڇ

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڙيسرين سان پرامن ۽ سٺا لاڳاپا اسان جي ترجيح آهن، ڪشمير مسئلي جو ڳالهين ذريعي مستقل حل چاهيون ٿا، نريندر مودي هٽلر جي نازي پارٽي کان متاثر آهي، هندوتوا نظريي جي خلاف بيهڻ اسان جي پاليسي جو حصو آهي، خدشو آهي ته ڀارت دنيا تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪو مس ايڊونچر ڪري سگهي ٿو ۽ پاڪستان پنهنجي بچاءَ جي لاءِ مڪمل تيار آهي. پاڪستان ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي کان سواءِ ٻطرفو واپار ۽ سمجهوتا ايڪسپريس به بند ڪري ڇڏي آهي.

ايف اي ٽي ايف بابت شاهه محمود قريشي چيو ته پرڏيهي وزارت کان وڌيڪ مون کي ايف اي ٽي ايف جو بخار چڙهيل آهي ڇو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اسان جي معيشت تي گهرو اثر آهي، پاڪستان کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ ڀارت پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف ايشور تي ترڪ پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ وڌيڪ ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان به ڳالهيون ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.