بدين: ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، عورت ايمبولنس ۾ ٻار کي جنم ڏنو

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”بدين: ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، عورت ايمبولنس ۾ ٻار کي جنم ڏنو ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190903Badin Pkg-1.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

بدين ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب ڳورهاري عورت ايمبولنس ۾ ئي ٻار کي جنم ڏنو گئس نه ملڻ ڪري ٻارڙي فوت ٿي وئي

ڳوٺ مير محمد پڙھياڙ جي رھواسي زليخان ملاح کي وارثن پاران ڊليوري لاء انڊس اسپتال داخل ڪرايو ويو  جتي عورت ٻن ڪلاڪن تائين تڙپندي رڙيون ڪندي رھي پر اسپتال انتظاميه جي لاپرواھي علاج ڪرڻ بدران عورت کي اسپتال مان نيڪالي ڏئي ڊليوري لاء حيدر آباد وڃڻ جو چئي ڇڏيو

عورت ڪيترائي ڪلاڪ ويل چئير تي رت ڳاڙيندي رڙيون ڪندي رھي آخرڪار شھرين پاران اسپتال مان بيدخل ڪيل عورت جي وارثن کي چندو ڪري نجي ايمبولينس ڪرائي کين حيدر آباد روانو ڪيو

بدين کان پندرھن ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي عورت گاڏي اندر ئي ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو پر ٻارڙي کي آڪيسجن نه ملڻ سبب اڌ ڪلاڪ بعد فوت ٿي وئي

هي به ڏسي سگھو ٿا: بدين: غير معياري زرعي ٻج جو وڪرو، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان

عورت زليخان عوامي آواز آڏو دانھدي چيو ته مونسان ظلم اسپتال وارن ڪيو آھي

ان موقعي تي فوت ٿيل ٻارڙي جي والد چيو ته اسپتال انتظاميه جي لاپرواهي سبب منهنجي ٻارڙي فوت ٿي آهي ۽ گھر واري جي حالت به خراب آھي ٻن ڏينھن کان وٺي رت ھلي رھيو آھي مونسان انصاف  ڪيو وڃي ….. ايس او ٽي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.