هٿ به اوهان جو ڌيان گھرن ٿا

خوبصورت نظر اچڻ لاءِ عورتون پنهنجي چهري جو خاص خيال رکنديون آهن ۽ طرح طرح جا ٽوٽڪا آزمائينديون آهن ته جيئن هنن جو چهرو تازو ۽ خوبصورت نظر اچي پر ڏٺو وڃي ته چهرو ئي اوهان جي شخصت کي نمايان ناهي ڪندو پر هٿ ۽ پير به مک ڪردار ادا ڪندا آهن

نرم ۽ شفاف  ۽ صحيح نموني ڪاٽيل ننهن ڏسندڙ جو ڌيان ڇڪيندا آهن ۽ اوهان جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن، تنهنڪري چهري سان گڏوگڏ اوهان کي پنهنجي هٿن جو به خيال رکڻ گھرجي ته جيئن اوهان جي شخصيت پوري طرح دلڪش تاثر پيش ڪري،

هٿن جي خوبصورتي لاءِ سڀ کان اڳ صفائي جو خيال رکو، ان لاءِ تازو ليمو ڪلينز جي طور تي استعمال ڪيو. ليمي کي ٻن حصن ۾ ڪاٽي هٿن تي سٺي طريقي مليو ان سان داغ، سنڀ ۽ اڻ وڻندڙ ڌپ ختم ٿي ويندي آهي ۽ هٿن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ لاٰءِ گلسرين ۽ عرق گلاب گڏائي رات جو سمهڻ وقت هٿن تي لڳايو ان سان اوهان جي هٿن جي جلد نرم ٿي ويندي ۽ هٿ بلڪل صاف نظر ايندا.

هي به ڏسي سگھو ٿا: پنبڻيون وڏيون ڪرڻ جا قدرتي طريقا

 هٿن جي صفائي ڪندي وقت ننهن کي سٺي طرح فائل ڪيو ته جيئن ننهن جي اندران ميراڻ پوري طرح صاف ٿي ويندي ڇو جو وڏن ننهن ۾ ڪم ڪرڻ وقت ميراڻ گڏ ٿي ويندي آهي جيڪا بيمارين جو سبب بڻبي آهي ان ڪري هٿن جي صفائي جو هر وقت خيال رکو ته جيئن جراثيمن کان بچي سگھو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.