ڀارتي قونصلر جي گرفتار جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان ملاقات

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي قونصلر دهشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان ملاقات ڪئي آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب پاڪستان طرفان ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر رسائي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تحت ڏني وئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستان ڀارت کي باضابطا ڪلڀوشن تائين قونصلر پهچ جي آڇ ڪري ڇڏي

هن ٻڌايو ته ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر گورو اهلو واليا ڪلڀوشن ياديو سان ملاقات ڪئي، جيڪا 12 وڳي شروع ٿي ۽ ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي، ملاقات ۾ پاڪستاني اختياريون به موجود هيون.

ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته ايس او پي تحت ملاقات ۾ ٿيندڙ سڄي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بابت ڀارت کي اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو هو، پاڪستان رنڊڪ ۽ وقفي بنا ڪلڀوشن ياديو لاءِ ڀارت کي قونصلر رسائي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.