ملڪ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ملڪ ۾ محرم الحرام 1441 هجري جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عاشوري جو ڏينهن 10 سيپٽمبر اڱاري تي ٿيندو.

محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ موسميات کاتي ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جون اختياريون شريڪ ٿيون، جڏهن ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي فلڪياتي ماهرن جون به خدمتون حاصل ڪينو.

زونل ڪميٽين جا اجلاس اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿيا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: محرم الحرام: سنڌ ۾ ٻيلهه سواريءَ تي پابندي هوندي

زونل ڪميٽين سڄي ملڪ مان وصول ٿيل چنڊ ڏسجڻ جي شرعي شهادتن بابت مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان محرم الحرام جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو.

محرم الحرام 1441 هجري جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ نئين اسلامي سال جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ عاشوري جو ڏينهن 10 سيپٽمبر اڱاري تي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.