پي ٽي آءِ پاڪستانين کي وڌيڪ قرضي ڪري ڇڏيو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ قرضن جا بار وڌائڻ وارا اڳوڻا سمورا ريڪار ٽوڙيندي پنهنجي حڪومت جي پهرين سال ۾ هر پاڪستاني تي قرضن ۾ وڌيڪ 46 هزار رپين جي واڌ ڪري ڇڏي.

1947ع کان جون 2018ع تائين يعني 70 سالن ۾ ايندڙ هر حڪومت گڏيل طور تي هر پاڪستاني 1لک 36 هزار رپين تائين جي قرضن جو بار وڌو.

جولاءِ 2018ع کان جون 2019ع تائين اِهي انگ اکر مٿي وڃي 1 لک 82 هزار رپين تائين وڃي پهتا آهن يعني هر شهري تي قرض ۾ 46 هزار رپيا واڌ ٿي. ماضي جي بيان بازي جي ابتڙ پي ٽي آءِ حڪومت سرڪاري قرضن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي گڏيل دورن ۾ ورتل قرضن کان به وڌيڪ واڌ ڪندي پئي وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پاڪستان کي قرض ملي ويو

پر پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته نوان قرض پراڻي حڪومتن جي ورتل قرضن جو بار لاهڻ جي لاءِ ورتا ويا آهن، جيڪڏهن اهي نوان قرض  نه ورتا ويندا ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي ويندو.

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي تازن انگن اکرن مان خبر پئي اهي ته مارچ 2019ع تائين پاڪستان جي گڏيل قرضن ۽ رهتن ۾ زبردست واڌ ٿي ۽ اِهي 40 هزار 214 ارب رپين تائين وڃي پهتا.

گذريل مالي سال جون 2018ع دوران گڏيل قرض ۽ رهتون 29 هزار 879 ارب رپيا هئا ۽ هاڻ مارچ 2019ع تائين انهن ۾ 10 هزار ارب رپين جي بي پناهه واڌ ٿي آهي.

 

ياد رهي ته پاڪستان کي ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض ڏنو هو جنهن کان پوءِ ناڻي جي مٽا سٽا جي گڏيل ذخيري جي ماليت 15 ارب 57 ڪروڙ 75 لک ڊالرن تائين پهتي.

اسٽيڪ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان کي ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر ملي هئا، 9 آگسٽ تي ناڻي جي مٽا سٽاجي سرڪاري خزاني ۾ 53 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ ملڪ جي ناڻي جي مٽاسٽا جي گڏيل خزاني جي ماليت 15 ارب 57 ڪروڙ 75 لک ڊالرن تائين پهچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.