نوابشاھ : ماءُ ۽ ڏاڏي پنهنجي معصوم ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”نوابشاھ : معصوم ٻارڙن جا قاتل ماءُ ۽ ڏاڏو نڪتا، جوابدار گرفتار” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190829Nawabshah Pkg-1.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

نوابشاھ ۾ خون جا رشتا ويري بڻجي ويا ٻن معصوم ٻارڙن جا ڳلا ڪپي بيدردي سان قتل ڪندڙ ٻيا نه پر سندن ئي ماءُ ۽ ڏاڏو نڪتا

ايس ايس پي تنوير حسين تنيو ڊي ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرينس ڪندي چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل 10 سالن جو گيلو ۽ 6 سالن جي چندا جي قتل ڪيس ۾ سندس ڏاڏو ويرو ۽ ٻارڙن جي ماء لاڏوڻي شامل آهن

هن چيو ته ٻارڙن جي ماءُ لاڏوڻي ۽ سندس سهري ويرو کي اڄ ٻارڙن اعتراض جوڳي حرڪت ڪندي ڏسي ورتو جنهن کان پوءِ ٻارڙن جي ماءُ لاڏوڻي ۽ ڏاڏي ويرو ٻنهي گڏجي ٻارن جا ڳلا ڪپي قتل ڪيو

ھي به ڌسي سگھو ٿا: رپورٽ: نوابشاھ: ويڳي پُٽ پنهنجي پيرسن والد کي قتل ڪري ڇڏيو

هن چيو ته بعد ۾ جوابدار ويرو پنهنجي نهن لاڏوڻي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن مزحمت ڪئي جنهن تي 15 پوليس پهچي وئي جنهن عورت کي زخمي حالت ۾ کڻائي اسپتال پهچايو  ۽ ويرو کي به گرفتار ڪري ورتو

جوابدار ويرو اعتراف ڪيو ته منهنجي نهن سان ناجائز تعلقات هئا ۽ اڄ اسان اعتراض جوڳي حالت ۾ هئا سين ته اسان کي 10 سالن جي گيلو ۽ چندا ڏسي ورتو جنهن کان پوء اسان ٻنهي گڏجي ٻارڙن کي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پنهجي نهن کي به قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

 ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته هن واقعي ۾ ٻئي جوابدار قاتل آهن ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.