عمران خان جا ڪشمير مسئلي تي عالمي اڳواڻن سان رابطا جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ اردن جي شاهه عبدالله ٽو سان ٽيليفونڪ سان رابطو ڪيو.

والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي وزيراعظم عمران خان طرفان عالمي اڳواڻن سان رابطن جو سلسلو جاري آهي ۽ ان ئي ڏس ۾ هن فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.

حڪومتي پڌرائيءَ موجب وزيراعظم ڳالهه ٻولهه دوران فرانسيسي صدر کي والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وزيراعظم جو سعودي ولي عهد سان رابطو

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني جابراڻيون پاليسيون سنگين انساني بحران جو سبب آهن، ڀارت تڪراري علائقي جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

فرانسيسي صدر چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون.

ايمانوئل ميڪرون ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان اردن جي شاهه عبدالله سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.