سون جي قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي….!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ سون جي في تولو قيمت 90  هزار رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ سون جي مهانگي ٿيڻ جو سبب اڄ ڊالر جي قيمت ۾ معمولي واڌ آهي ۽ انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر 3 پيسن جي واڌ سان 157 رپيا 28 پيسا ۽ اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر 30 پيسا جي واڌ سان 157 رپيا 70 پيسا تي بند ٿي، ڊالر جي قدر ۾ واڌ سان گڏ ئي سون جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي ۽ ملڪي سون جي مارڪيٽن ۾ في تولو ۽ 10 گرام قيمت ۾ ترتيبوار 900 رپيا ۽ 770 رپيا واڌ ٿي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سون 27 سئو رپيا مهانگو، تولو 75 هزار 900 رپين جو ٿي ويو

ٻئي پاسي عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سو جي في اونس قيمت ۾ 15 ڊالرن جي واڌ ٿي وئي آهي، ۽ عالمي ماڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 1545 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي، ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ تي مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ به نطر آيو ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سون جي مارڪيٽڻ ۾ في تولي سون جي قيمت وڌڻ کان پوءِ 90 هزار رپين ۽ 10 گرام سون جي قيمت واڌ کان پوءِ 77 هزار 160 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ان جي ابتڙ في تولي چاندي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 1110 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 951 رپيا 64 پيسن تي رهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به آمريڪي ڊالر مهانگو ٿيڻ جا اثر سون تي پڻ نظر آيا، سون في تولو 27 سئو رپيا مهانگو ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ سون جو اگهه بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو، 27 سئو رپين جي اضافي کانپوءِ  سون جو تولو 75 هزار 900  رپين جو ٿيو هو، عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالر مهانگو ٿي هڪ هزار 335 ڊالر في اونس ٿي هئي، جڏهن ته پاڪستان م سون 27 سئو رپيا تولو وڌي 75 هزار 900 رپين جو ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.