ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ماهرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏي: گڏيل قومون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ماهرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏي.

گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ميشل پيچلٽ ۽ اڳوڻي هاءِ ڪمشنر زيد الراعد حسين والاريل ڪشمير ۾ هندستاني ظلم تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انڊيا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ماهرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏي، والاريل ڪشمير جي صورتحال جي عالمي جاچ ڪرائي وڃي.

هي به ڌسي سگھو ٿا: مليحا لوڌي جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي صدر سان ملاقات

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتيرس چيو ته هيومن رائيٽس اختيارين ڀارت سان رابطو ۾ آهن ۽ اميد آهي ته جلد انساني حقن جي ماهرن کي والاريل ڪشمير تائين پهچ ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.