جهڏو: آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
جهڏو: آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ جهڏو: آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

 

جهڏي ۾ سب ڊويزن خيرپور گنبو جي آبادگارن آبپاشي عملدارن جي ڏاڍاين ۽ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

آبادگار منظور چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سب ڊويزن خيرپور گنبو جي عملدارن جي هٺ ڌرمي سبب پڇڙي جي آبادگار کي زرعي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي.

 آبادگار پاران ايس ڊي او آبپاشي خلاف احتجاج ڪيو ويو

سندن چوڻ هو ته زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف دانهڻ تي آبادگار خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين هيسايو پيو وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته لڳاتار زرعي پاڻي پڇڙي تائين ڇوڙ نه ڪرڻ سبب زرخيز زمين سُڪي ٺوٺ ٿي رهي آهي.

آبادگار گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق سب ڊويزن خيرپور گنبو جي پُڇڙي ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري کين ڪاپاري نقصان کان بچايو وڃي…………………

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.