”وزيراعظم جو قوم سان هڪ ٻيو واعدو“

 

صوابي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي قوم سان واعدو ڪيان ٿو ته جيستائين والاريل ڪشمير آزاد نٿو ٿي وڃي، هر فورم تي آواز اٿاريندس.

صوابي ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم هندو انتهاپسندن جي سوچ سمجهي ويو هو، جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهي ها ته اڄ اسان سان به اهو ئي ٿئي ها جيڪو ڪشميرين سان ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان خاص سبب جي ڪري ٺهيو هو، اسان کي پاڪستان ٺاهي دنيا کي ٻڌائڻو هو ته اسلام ڇا آهي، اسلام ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي حق ڏنا ويا، اسلام ۾ جيڪي غلام هئا، انهن مختلف ملڪن تي حڪومت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته آر ايس ايس جو نظريو مسلمانن کي ٻئي درجي جو شهري بڻائڻ آهي، مان پاڻ کي ڪشمير جي سفير جو ٽائٽل ڏئي ڇڏيو آهي، قوم سان واعدو ٿو ڪيان ته والاريل ڪشمير جي آزادي تائين هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندس ۽ ڪشميرين جو ڪيس وڙهندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.