مودي کي ايوارڊ ڏيڻ تي سينيٽ چيئرمين جو وڏو فيصلو….

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن طرفان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏيڻ تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي دبئي جو دورو رد ڪري ڇڏيو.

سينيٽ چيئرمين کي پارلياماني وفد سان گڏ چئن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات دبئي روانو ٿيڻو هو پر يو اي اِي حڪومت طرفان ڀارتي وزيراعظم کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏيڻ کانپوءِ اهو دورو رد ڪيو ويو آهي.

سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستاني ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، مودي حڪومت ڪشميرين کي ظلم جو نشانو بڻائي رهي آهي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو آهي، اهڙين حالتن ۾ گڏيل عرب امارتن جو دورو ڪشميرين جي دل آزاري جو سبب بڻجندو.

هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين جو چوڻ هو ته اهو نٿو ٿي سگهي ڪشميري ڀائر ۽ ڀينرون واڙيل هجن ۽ مان دبئي جو دورو ڪيان، دورو اڳ کان طئي ٿيل هو ۽ 3 وڳي اسان جي اڏام هئي پر مودي کي ايوارڊ ملڻ کانپوءِ دبئي وڃڻ ۽ اختيارين سان ملڻ مناسب نه هو، ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتجاجي طور دورو رد ڪيو ويو.

هن چيو ته مودي ڪشميرين تي ظلم ڪري ۽ ان کي ايوارڊ ڏنو وڃي، ان افسوس جوڳو عمل آهي، ڀارتي وزيراعظم ڪشميرين تي ظلم ۾ ملوث آهي ۽ اسان پنهنجي فيصلي بابت گڏيل عرب امارتن جي سفير کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.