محرم الحرام: سنڌ ۾ ٻيلهه سواريءَ تي پابندي هوندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عاشوري جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ پهرين کان ڏهين محرم الحرام تائين قلم 144 به لاڳو هوندو.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد سميت سڄي صوبي ۾ 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.

عورتن، ٻارن، بزرگن، معذور ماڻهن ۽ صحافين لاءِ ٻيلهه سواري جي پابندي کان ڇوٽ هوندي.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي به پابندي لاڳو ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.