وياج جي چڪي ۾ ڦاٿل دادو واسي..!

عزيز ملڪ

وياج خوري جي بيماري هونئن ته سڄي سنڌ کي وڪوڙيل آهي، پر ڳالهه ڪجي دادو شهر جي ته هتي ته وياج جو ڪاروبار عروج تي پهتل آهي، جنهن ويڙها اجاڙي ڇڏيا آهن، کلي عام هلندڙ وياج جي وبا کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي، جنهن ڪري هيءَ وبا هاڻي ناسور بڻجندو پيو وڃي، دادو ضلعي اندر 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروبار وياج تي هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ضلعي جا ڪيترائي دڪاندار ۽ سرڪاري ملازم وياجين وٽ گروي بڻيل آهن، هلندڙ سال دوران 4 نوجوانن وياج جي رقم نه ڏئي سگهڻ ڪري خودڪشيون ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ڪيترن ئي سرڪاري توڙي خانگي ماڻهن جون جائيدادون وياج جي پيسئن ۾ ضبط ٿي ويون آهن، دادو ضلعي جي چئن ئي تعلقن دادو شهر، 2 جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ ۾ 6 هنڌن تي وياج جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي خاندان تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، مجبوري ۾ وياج وٺي خرچ ڪندڙ ماڻهو وياج نه ڀري سگهڻ ڪري پنهنجون جڳهون، پلاٽ ۽ سونا زيور ضبط ڪرائي چڪا آهن، ڪيتريون پڻ عورتون ان ڪڌي ڪم ۾ رڌل آهن، جيڪي پڻ گهرن ۾ عورتن کي وياج جي رقم پهچائين ٿيون ۽ کين ماهوار وياج جا پيسا به اوڳاڙين ٿيون، دادو ۾ هن سال وياج تي رقم ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.

معلوم ٿيو آهي ته پهريان وياج جي مٿان سوتي رقم هڪ لک روپين تي ماهوار 10 هزار روپيا ورتي ويندي هئي، پر هن سال هڪ لک تي ماهوار 15 هزار اوڳاڙيا وڃن ٿا، جنهن جي ڪري ڪيترائي شريف ۽ باعزت گهراڻا به انهن وياجين جي ورچڙهي ڪنگال ٿي ويا آهن، جن پنهنجو الهه تلهه ته وڪڻي وياجين حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا تائين به وياجين جا پيرا سندن عارضي گهرن توڙي رشتيدارن جي گهر اڳيان ٺهيل نظر اچي رهيا آهن، سڀ ڪجهه لٽي وياجين جي حوالي ڪري ڇڏيندڙ خاندانن کان به اڃا وياجي پيسا اوڳاڙڻ جي لاءِ سرگرم بڻيل آهي. ڪيترن ئي وياج وٺندڙ سرڪاري توڙي خانگي ماڻهن تي جڳهين تي قبضا ڪري ورتا آهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته هنن وياج هلائيندڙ کان وياج تي رقم ورتي ۽ وقت سر نه رقم نه ادا ڪرڻ تي هو وياجين جا ڪروڙين روپين جا قرضي ٿي ويا آهن ۽ انهن جي رهائش وارين جاين تي وياج هلائيندڙ ڌرين پوليس جي مدد سان قبضا ڪري کين جاين مان بيدخل ڪرڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي، جڏهن ته وياج خورن جي ظلم جي ڪري هلندڙ سال دوران 4 ماڻهن (م،م) (ر،م) (خ،پ) ۽ (ا،س) خودڪشي ڪري پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ڇڏيا آهن.

دادو جي شهرين، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر جبار ٻٻر، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ممتاز ڀنڊ، رڪشا يونين جي اڳواڻ عباس وگهيو، پ پ شهيد ڀٽو جي جي اڳواڻ ڪامريڊ علي محمد جمالي ۽ ٻين وياج جي وڌندڙ وبا تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته دادو ۾ هلندڙ جي ڪاروبار جو نوٽيس وٺي ڪنگال بڻجي ويل ماڻهن جي واهر ڪري کانئن ڦريل ملڪيت واپس ڪرائي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.